ابن خردازبه

فارسي جاگرافيدان

سندس اصل نالو ابوالقاسم عبيدالله -بن- عبدالله هو، پر پاڻ ابن خردازبه جي عرفيت سان مشهور ٿيو. 205ھ/820ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ طبرستان جو حاڪم هو، هيءُ عباسي خليفي ’معتمد‘ جي زماني ۾ ڪيتري وقت تائين جبال واري علائقي (عراق و عجم) ۾ -ٽپال- ۽ وقائع نگاريءَ جي منصب تي فائز رهيو. انهيءَ زماني ۾ هن پنهنجي ڪتاب، ’جغرافيه المسالڪ والممالڪ‘ کي مرتب ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن کي مڪمل ڪندي کيس تقريباً 40 سال لڳا. مشهور اسلامي شهرن خاص ڪري عباسين جي سلطنت جي وچ ۾ جيڪي رستا آهن، -تن- جي متعلق هيءُ پهريون ڪتاب آهي. جيئن ته پاڻ محڪمي جو عملدار هو، انهيءَ ڪري سندس ڪتاب جي معلومات نهايت پڪي ۽ قيمتي آهي. هن سن 300ھ/ 912ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا سنواريو