ابن تيميه
ابن تيميه (انگريزي ٻولي: Ahmad ibn Taymiyyah) جو اصل نالو تقي الدين بن ابوالعباس احمد بن شهاب الدين بن شيخ عبدالحڪيم بن عبدالسلام بن عبدالله بن محمد بن الحراني الحنبلي هو. هو، حران ۾ 10 ربيع الاول 661ھ/ 22 جنوري 1263ع ۾ ڄائو. حران، موصل ۽ شام جي وچ ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. هو نامور فقيهه، مفسر، محدث، متڪلم ۽ مجاهد هو. ڇهه پيڙهيون اڳ سندس خاندان ۾ هڪ خاتون تيميه نالي، علم ۽ فضل ۾ باڪمال هئي، ان جي نسبت سان هي خاندان مشهور ٿيو. پنجن سالن جو هو جو ابن تيميه جو گهراڻو حران کان دمشق لڏي آيو. سندس حافظو ڪمال درجي جو هو. ڪتاب هڪ دفعو پڙهڻ سان ئي حفظ ٿي ويندو هوس. هن 20 سالن جي عمر ۾ قرآن، فقہ ۽ مناظري ۾ مهارت حاصل ڪئي. والد جي مرڻ کان پوءِ تدريس ۽ فتويٰ جي مسند تي ويٺو. سڄا سارا 44 سال سني اسلام جي تعليم ڏيڻ ۾ گذاريائين. شادي به نه ڪيائين.
هن اهڙي دور ۾ جنم ورتو، جڏهن اسلام ۾ ڪيترائي فرقا ظاهر ٿي چڪا هئا ۽ بدعتواني عام هئي. مسلمان اسلام جي صحيح تعليم کان ڪٽجي ويا هئا، تاتارين جي حملن سبب علم ۽ تهذيب جا مرڪز تباهه ٿي چڪا هئا. ان ڪري تاتارين ۽ ڪن ٻين بدعنوان گروهن جي خلاف زبان ۽ قلم ذريعي جهاد ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائون. مخالفن جي غلط الزامن جي ڪري مصر ۽ دمشق ۾ ڪيترائي ڀيرا قيد ٿيو. زندگيءَ جا پويان ٻه سال پڻ قيد ۾ گذاريائين، مٿس ڪفر جون فتوائون به لڳيون. ساڻس گڏ سندس ٻه سڳا ڀائر ۽ سندس شاگردن مان حافظ ابن قيم شامل هئا. سندس ننڍي ڀاءُ قيد ۾ ئي وفات ڪئي، جنهن جي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ به کيس کي اجازت نه ملي.
قيد ۾ پڻ لکڻ جو سلسلو جاري رکيائين. هر مسئلي تي ڪتاب ۽ سنت جون شاهديون حافظي جي زور تي پيش ڪندو رهيو. نيٺ کانئس مس ۽ قلم کسيا ويا ته ڪي شيون ڪوئلي سان پڻ لکيائين. 27 سيپٽمبر 1328ع تي دمشق ۾ وفات ڪيائين. وفات کان اڳ انهن سڀني کي معاف ڪيائين، جن کيس تڪليفون پهچايون هيون. سندس جنازي ۾ ماڻهن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو هئو، جن ۾ عورتون به هيون. سندس لکڻين ۾ قرآن پاڪ جو تفسير، حديث، فقهه، نحو، لغت، رياضي وغيره جا موضوع شامل آهن، جن جو تعداد 500 کن آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب وري وري ڇپيا آهن. مثلاً: ڪتاب الايمان، اقتضاد المراط، الصراط المستقيم، منهاج السنه، الجواب الصحيح، ڪتاب الرد علي المتقين، تفسير سوره اخلاص، تفسير سوره نور، رسائل الکبريٰ (ٻه جلد)، فتاويٰ (پنج جلد)، وغيره. پاڻ شاعري به ڪندو هو. [1] هن شريعت جي تشريح ڪندي، منگول حڪمرانن خلاف فتوا ڏني ۽ انهن خلاف جهاد جو اعلان ڪيو. هن جو ان حوالي سان، اڄوڪي وهابي ازم، سلفي ازم ۽ جهاد ڪرڻ جي حامين تي وڏو اَثر آهي.
حوالا
سنواريو[[1]]