ابن الياس سومرو جو اصلي نالو محمد لکانو ولد محمد الياس سومرو آهي. ھع 15 اپريل 1925ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. تعليم سنڌي فائنل هئس. ايس. وي پرائمري ماستريءَ مان ترقي ڪري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن حيدرآباد جي پرئڪٽسنگ اسڪول جو هيڊماستر ٿي رٽائر ڪيائين. ان کان سواءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ لائبررين ۽ استاد بہ رهيو. سندس تصنيفن ۾ ’نئين اردو–سنڌي لغت‘ قابل ذڪر آهي. ابتدائي دور ۾ سنڌي ۽ اردو افسانا بہ لکيائين. هن جا سنڌي موسيقيءَ تي ٽماهي مھراڻ ۾ ڪيترا مقالا ڇپيل آھن. اخبار تعليم ۾ بہ سندس ڪيترائي مضمون شامل آهن.[1]