ابل واھ خيرپور ميرس جي حدن ۾ واقع آهي. عام طرح سرڪاري نالي ” خيرپور ويسٽ فيڊر “ (انگريزي ٻولي: Khairpur West Feeder) سان ياد ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي 1352ھ ( 1934ع ) ۾ کوٽائي شروع ٿي ۽ 1936ع ۾ ٻہ هزار ڪيوسڪ (Cusecs) مطابق مڪمل آباديءَ جي لائق بڻيو. هي واھ سکر بئراج جي کاٻي پاسي کان سنڌو نديءَ مان نڪري ٿو. شاخن سميت ان جي ڊيگھ 366 ميل (589 ڪلوميٽر) آھي. ان واھ مان ساڄي ۽ کاٻي طرف کان جملي 34 شاخون نڪرن ٿيون. آمد رفت لاءِ مٿس ڏھ وڏيون پليون آهن، جڏهن ته ننڍين (ڳوٺاڻين) پلين جو تعداد ٻاويھ آهي. پاڻيءَ جي روڪ ٿام لاءِ پنج وڏا ريگيوليٽر (Regulators) بہ تعمير ٿيل آهن.

اھميت سنواريو

ابل واھ، خيرپور رياست جو وڏو واھ ليکيو وڃي ٿو، هڪ اندازي مطابق چار لک ڏھ هزار ايڪڙ ايراضيءَ کي سيراب ڪري ٿو. سندس سنڀال لاءِ 1936ع کان هڪ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ( Executive Engineer ) ، 2 سب ڊويزنل آفيسر ، 14 سب انجنيئر ( Over sears ) ، 20 آبدار ۽ 29 داروغا پڻ مقرر ڪيل آهن.

علائقي ۽ ٿيندڙ پوکون سنواريو

ابل واھ خيرپور ۽ گمبٽ تعلقن جي ايراضي آباد ڪندو، ڳاڙهي موري، پريالوءِ، پير ڳوٺ، احمدپور، ڪوٽ پل، ماڇيون، راڻيپور ۽ گمبٽ شهرن مان لنگھي ٿو . هن واھ تي آباديءَ جي اعتبار کان ڪڻڪ، ڪپھ، چانور، جوئر، سرنھ، ڄانڀو ۽ داليون وغيره ٿين ٿيون. ان کانسواءِ کجين، ليمن ۽ انبن جا باغ بہ وڏي تعداد ۾ سيراب ڪري ٿو. هي ٻارهن ئي مهينا وهندڙ واھ آهي، جنهن کي انجنيئري اصطلاح ۾ ” Perennial “ سڏبو آهي .[1]

حوالا سنواريو

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.