ابل فقير 1942ع واري حُر تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو، جيڪو ڳوٺ بائونٺ مري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ جو رهاڪو هو. هن جو پير شهيد صبغت -الله- پاڳاري جي غازي حرن ۾ شمار ٿيندو هو. کيس ’ابوالخير‘ جو لقب پير سائينءَ پاڻ ڏنو هو. ابل فقير انگريزن سان وڙهيو ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجن دوستن سان گڏجي ٿاڻا به ڦريائين، -جن- ۾ -ٻوٻي- -ٿاڻو- ۽ کاڻوٺ -ٿاڻو- شامل آهن. ابل فقير هالن جي ڀرسان سيلاني فقير واري هنڌ تي وڙهيو هو، جنهن ۾ هن ملٽري ۽ سپاهين سان مڙس ٿي مقابلو ڪيو. ڏهه سال انگريزن سان وڙهيو ۽ سي. آءِ. ڊي پوليس هٿان گرفتار ٿيو. کيس ويهه سال سزا لڳي، پر ٻه ٽي سال قيد ڪاٽڻ کان پوءِ سينٽرل جيل مان ساٿين سميت ڀڄي نڪتو. -ان- کان پوءِ سن آيو، -جتي- ٻيهر گرفتار ٿيو ۽ کيس ڦاهي گهاٽ ۾ رکيو ويو. اهو ڪيس -پاڪستان- ٺهڻ کان پوءِ هليو، جنهن ۾ ڦاسيءَ واري سزا لهي ويس ۽ ڏهه سال سزا ڏنائونس. ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ ابل فقير آزاد ٿيو.[1]

حوالا سنواريو