مخدوم ابراهيم ’خليل‘ -بن- مخدوم عبدالڪريم، 1827ع ۾ -ٺٽي- ۾ ڄائو ۽ 1899ع ۾ وفات ڪيائين. هو فارسي ۽ سنڌيءَ جو شاعر ۽ تذڪري نگار هو. سندس نسبي سلسلو حضرت -ابوبڪر صديق رضه- سان ملي ٿو. فارسي شاعري سندس خاص موضوع هو، پر سنڌي ۽ اردوءَ ۾ به شعر چوندو هو. فارسيءَ ۾ سندس تخلص ’خليل‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’اداسي‘ هو. سندس تصنيفن ۾ ’ديوان مڪاتيب‘ ۽ ’تڪلمئه مقالات الشعراء‘ شامل آهن، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ ڇپايا آهن. ’خليل‘ مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ٿيل آهي.[1]

حوالا سنواريو