ابراهيم بلوچ
’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ ۾ يوسف ميرڪ ڄاڻائي ٿو ته ”جهانگير بادشاهه جي حڪم سان جڏهن قوج علي بکر جي پٺاڻن کي زير ڪرڻ لاءِ بکر پهتو ته شاهي فرمان جي حڪم موجب اوٻاوڙي ۽ گنجابي جو حاڪم مير ابو البقا به سندس مدد لاءِ بکر پهتو. پٺاڻن کي زير ڪرڻ کانپوءِ هنن بکر جي بلوچن تي تشدد شروع ڪيو، بلوچن جو حاڪم ابراهيم بلوچ هو. جنگ ۾ جڏهن ڪافي بلوچ مارجي ويا، تڏهن ابراهيم بلوچ قلعي جو دروازو کولي نذرانا کڻي اچي قوج عليءَ جي پيش پيو. هيءَ جنگ 1019ھ/ 1610ع ۾ لڳي. جڏهن بکر جو فوجدار ۽ جاگيردار احمد بيگ ٿيو تڏهن هن حڪومتي نظام پنهنجي ڀاءُ مرزا يوسف جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، جيڪو ظلم ستم ۾حجاج جو استاد هو. هن سنڌ ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي هئي. مرزا يوسف هڪ دفعي سامتياڻين جي قاضي عبدالواحد کان زبردستيءَ سئو رپين جو دستاويز لکرائي ابراهيم بلوچ کي وڪرو ڪيو، ان کانپوءَ قاضيءَ ۽ بلوچ کي آمهون سامهون بيهاري، ڦٽڪن هڻندڙ کي حڪم ٿيو ته تون ابراهيم بلوچ کي هڪڙو ڦٽڪو هڻي کانئس سئو روپئي جي گهر ڪر، هوڏانهن ابراهيم بلوچ کي زبردستي حڪم ڪيو ويو ته تون وري قاضي عبدالواحد کي ڦٽڪو هڻي کانئس سئو رپئي جي گهر ڪر، مسلط ظالمن هيءَ منصوبو سَٽي محڪوم قوم جي تذليل ڪئي ۽ منصوبي تحت ڦٽڪي وارو ابراهيم بلوچ کي هڪ ڦٽڪو هڻي سئو رپيو گهرندو رهيو ۽ وري ابراهيم بلوچ قاضي عبدالواحد کي ڦٽڪو هڻي سئو رپيو گهرندو رهيو. اهو ظلم ڏسي ماڻهو آهون ڪري بدعائون ڏيڻ لڳا.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھرين. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال 2012ع