اڍنگائيءَ جو ٿيٽر (Theatre of the absurd)، يورپ ۾ صنعتي انقلاب کانپوءِ واري صنعتي معاشري ۾ ماڻهوءَ جي جيڪا صورتحال وڃي بيٺي، ان کي اڍنگائيءَ واري صورتحال چيو ويو. هن ڊرامي جو هر ڪردار ڪنھن نہ ڪنھن خوف ۾ ورتل هوندو آهي. ڪنھن وڏي طاقت جو خوف، جيڪو حقيقي يا خيالي ٿي سگهي ٿو. اهو خوف، انديشي ۽ ڊپ ۾ ورتل انسان کان عجيب حرڪتون ڪرائي ٿو ۽ سندس واهيات حرڪتن کي ڏسي کل ايندي آهي، جيڪا اجائي ۽ بي معنيٰ آهي. ڪنھن مھل ان کل جو آواز روئڻ جھڙو ٿو لڳي. سنڌيءَ ۾ ڊاڪٽر پريم پرڪاش جو ناٽڪ ’مورچابندي‘، موتي پرڪاش جو ناٽڪ ’رات هڪ طوفان جي‘ ۽ ايم ڪمل جو ناٽڪ ’ماچس ڪٿي آهي؟‘ وغيره اهم ائبسرڊ ناٽڪ سمجهيا وڃن ٿا.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.