آهر کي هندستانيءَ ۾ رائي ۽ انگريزيءَ ۾ مَسٽَرڊ چوندا آهن. هن جي پوکڻ جي لاءِ ڪا بہ خاص فھمائش ضروري ناهي. سرد موسم ۾، آڪٽوبر مھيني ڌاري ڪٿي بہ ڇٽي ڇڏجي. ٻن ٽن ڏينھن ۾ ڦٽي نڪرندي. ڪچيءَ ۾ هن جا پن سرنهن ۽ ڄانڀي جي پنن وانگي کائيندا آهن، جيئن سالڊ کي کائيندا آهن. پڪي کان پوءِ اَن گڏ ڪري سڪائي رکندا آهن. اِچار جي مصالح ۾ بہ ڪم ايندي آهي ۽ تيز ٿيندي آهي. دوا ۾ بہ گهڻي ڪمائتي آهي، پولٽس ٺاهڻ ۾ يا ٻيءَ طرح. هن مان تيل بہ نڪرندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.