آڪھِ نسل، قوم ۽ قبيلي کان پوءِ درجيوار هيٺين سطح تي هڪ ئي ابي ڏاڏي جو اولاد جنھن ۾ ڪجهہ پيڙهيون هڪ ٻئي سان مربوط انداز ۾ رهنديون هجن. سنڌي سماج ۾ آڪھ مان مُراد اهڙو ڪٽنبي گروھ، جيڪو هڪ ئي گهراڻي سان لاڳاپيل هجي. اُن ۾ عورتون، ٻار، مرد، جوان، اڌڙوٽ ۽ بزرگ شامل آهن. هر ذات يا هر قبيلي ۾ ڪٽنبي گروھ جي سربراھ جي نالي سان اُها آڪھ منسوب ڪيل هوندي آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. آڪهه : (Sindhianaسنڌيانا)، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، [[سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.