آڪسيجن ۽ هئڊروجن

آڪسيجن (انگريزي ٻولي: Oxygen) ۽ هئڊروجن (انگريزي ٻولي: Hydrogen) گئسون هڪ خاص حالت ۾ ملي، ڪيميائي عمل يا چرپر ڪري پاڻي (H2O) ٺاهين ٿيون. ٻنهي گئسن جي خوبين ۽ پاڻيءَ جي خوبين ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. هئڊروجن گئس پاڻ ٻري ٿي، آڪسيجن ٻرڻ ۾ مدد ڏي ٿي، پر پاڻي (انگريزي ٻولي: Water) عام حالت ۾ باهه وسائي ڇڏي ٿو. آڪسيجن جا ٻه ۽ ڪاربان جو هڪ ايٽم هڪ خاص ماحول ۾ ملي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس ٺاهين ٿا. آڪسيجن عام حالت ۾ جياپي لاءِ اهم آهي ۽ ڪاربان بي اثر، جڏهن ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ زهريلي، پر جيڪڏهن آڪسيجن جو هڪ ۽ ڪاربان جو هڪ ايٽم ملي پون ته ڪاربان مونو آڪسائيڊ گئس ٺهي پوندي، جيڪا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کان به وڌيڪ زهريلي ۽ ماريندڙ گئس آهي. [1] [2]

  1. شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-07-15 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-31 
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام