هاڙهه سان ڀل نہ کائو.

آهاڙُ ڏيهي سال يا سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (بڪرمي ڪيلينڊر) جو چوٿون مهينو آهي جيڪو ڄيٺ ۽ سانوڻ جي وچ ۾ آهي. 15 جون کان 15 جولائي تائين هوندو آهي. آکاڙ 31 ڏينھن جو مهينو آهي.

آکاڙ جا ٻيا نالا سنواريو

آکاڙ ٻيا نالا آهن؛

  1. آساڙ
  2. آهاڙ
  3. هاڙ
  4. آرهڙ

علم نجوم ۾ سنواريو

علم نجوم موجب، هن مهيني جي موسم تي پنوراسا ( وڏو وايو ) ۽ پشيه ( ننڍو وايو ) نکٽن جا اثر هوندا آهن .

آکاڙ بابت ٿري مڃتا سنواريو

  • آکاڙ جي ٻه تاريخ تي ڪٿي به کنوڻ يا جهڙ نظر اچي ته برسات جو آسرو سمجهبو آهي. ٻيءَ صورت ۾ ٿري بئراجي علائقن ۽ ناري وڃڻ جون تياريون ڪندا آهن.

ٿري چوندا آهن ته؛

آکاڙ ڪي ٻيج، واڏڙ يا ويڄ (واڏڙ؛ جهڙ)
نيڙي راکي ٻڙڌيا (ڍڳا)، جوڙهي (جهولي) راکي ٻيج.
پر جي آکاڙ جي ٻه تاريخ تي کنوڻ ۽ جهڙ ڏسڻ ۾ نه اچي ته پوءِ
پهلي بيچ ٻڙڌيا، پڇي چاٻي (کائڻ) ٻيج
  • آکاڙ جي مهيني ۾ برسات پئي ته ٻوڏ ٿيندي نقصان ٿيندو.

آکاڙ سان ڳنڍيل پروليون سنواريو

مثال: آساڙ مهيني اُپجي، اُس ناميڻي نام، سُندري وساري سيج تي، ليتو آئيجو شام!
(آساڙ: آکاڙ، اپجي: پيدا ٿئي، نامياڻي: نالي واري، سُندري:سهڻي عورت (سونن زيورن سان جهنجهيل)، ليتو آئيجو: وٺيو اچجان).
(مطلب: آکاڙ جي مهيني ۾ پيدا ٿئي ٿي، اُن نالي واري شيءِسندري سيج تي وساري آئي آهي. شام جو موٽڻ ويلي وٺيو اچجان).

ڀڃڻي: نيموري (نِموري)

آکاڙ ۾ اُڏيري لعل/ جهولي لعل جوچاليهو سنواريو

سنڌ توڙي هند ۾ سنڌي هندو اُڏيري لعل/ جهولي لعل جوچاليهو ڌوم ڌام سان ملهائيندا آهن. [1]

آکاڙ ۾ ٽيڙو جو اڀرڻ سنواريو

ٽيڙو( تارا) جي اڀرڻ بابت ڪن جو چوڻ ته ’ٽيڙو‘ آکاڙ مهيني جي چنڊ کان پوءِ اڀرن ٿا. يعني آکاڙ مهيني ۾ اڀرن ٿا. ٻي راءِ ته ڪتي جي اڀرڻ کان پوءِ ٽيڙو 17 تاريخ سانوڻ جي اڀرندا. انوقت ڏينهن جي مدت ۾ ڪتر پوندي، يعني ڏينهن گهٽجڻ شروع ٿيندا.

آکاڙ سنڌي شاعري ۾ سنواريو

آيو مھينو آکاڙ جو، ڪر الله توهار،
واهر وڏي پير جي، وجهه واڙ چوڌار،
صوفي شاهه شھيد جي، اجهي لڳ آڌار،
سالم سبزا ساوڪون، ٻُڌ رينگٽ پون نار،
نڪري سلا نروار، آيا ڍڍي چونڪ تي
هليا ڏُٿ تي سندم ڏوٿي، وٺو آکاڙ جي چوٿي،
وڄون ورنديون ڏسان هوٿي، بهاري رنگ بنايا ڪي،
اکين آرو ٻڌو اڄ پُڻ، اباڻا ياد آيا ڪي

حوالا سنواريو

  1. "چاليهو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2018-12-30.