دوکي سان ڍانڍي (پاڻي) پکين کي شڪار ڪرڻ جو طريقو، جنهن ۾ ميربحر هٿرادو ٻانڊو يا آڏڻ ٺاهي، پاڻيءَ تي اهڙيءَ طرح سان بيهاري ڇڏيندا آهن جو آڙي پکي ۽ بدڪون بنا ڪنهن ڊپ جي انهيءَ هٿرادو ٻگهلي وٽ گڏ ٿينديون آهن. ميربحر به ڪنهن ٻوڙي ۾ لڪي يا پاڻيءَ اندران تري پکين کي پڪڙي کاريءَ ۾ گڏ ڪندو ويندو آهي. عام طور تي ڪي شڪاري وري پنهنجي منهن تي ٻگهلي جي شڪل جهڙو نقاب چاڙهي ڇڏيندا آهن. مطلب ته ڍانڍي پکي دوکي ۾ اچي ايئن سمجهندا آهن ته اهو به ڪو پکي آهي. شڪاريءَ جي کاري ڀرجي وڃڻ کان پوءِ پکين جي في الحال جند ڇٽي پوندي آهي.[1]