ھيءُ ننڍڙو ٻوٽو وارياسن ۽ چيڪي مٽيءَ وارن پٽن تي ول وانگر پکڙبو آھي. ھن جا پن گول، ويڪرا ۽ پاسن تي ڪنڊن وارا ٿيندا آھن. ھن جو ڦر رواجي ٻير کان بلڪل ٿورڙو يا ان جي برابر ھئڊي رنگ جو ٿيندو آھي، جنھن تي ڪارا ليڪا ڏسبا آھن. طبي اثر گرم ۽ خشڪ اٿس.[1]