آڊيٽوريم يا وڏو هال (Auditorium) ابتدائي يوناني دور ۾ ٿيئٽر جي اڏاوت ٽڪريءَ جي لاهيءَ تي ٿيندي هئي، جتي کليل وايو منڊلڪ آڊيٽوريم بنايو ويندو هو، ان جي ٻئي پاسي اسٽيج ٺاهي ويندي هئي، جنھن جو احاطو تنبن جو جڙيل هوندو هو، جتي اداڪار پنھنجن چھرن تي مصنوعي شڪلين وارا پوش (masks) پائي اسٽيج تي اداڪاري ڪندا هئا. موجوده دَور ۾ آڊيٽوريم سيمينارن، ڪانفرنسن، ادبي شامن ۽ اسٽيج ڊرامن وغيره لاءِ جوڙيا وڃن ٿا.[1]

ھڪ آڊيٽوريم

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.