سنڌ جي مشهور مسخري ۽ ملهه پهلوان آچر پاڪستانيءَ جو اصل نالو محمد آچر هو. هن قاضي احمد، تعلقي سڪرنڊ ۾ جنم ورتو. ملهه ۾ رستمِ سنڌ شير ميربحر جو شاگرد سڏائيندو هو. ملهه راند سان تمام گهڻو عشق هئس. سڄي سنڌ جي ملاکڙن ۾ لاڳيتو سترهن سال، ٽئين ۽ ٻئي جوڙ جي جوانن سان ملهه وڙهندو رهيو. آچر پاڪستاني ڪنهن ملهه کي دسي يا پاڻ دسجي، پر انعام کيس ضرور ملندو هو. ڳائڻ سان به لڳاءُ هئس ۽ راڳ ۾ استاد منظور علي خان جو شاگرد هو. کيس ملهه ۾ جيڪو به انعام ملندو هو اهو غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو.

[1]

  1. آچر پاڪستاني : (Sindhianaسنڌيانا)