آچاريه آسودومل گدواڻي

آچاريه آسودو مل سنگت راءِ گدواڻي، سنڌ جي انهن آڳاٽن ليکڪن مان هو، جن سنڌي نثر ۽ ڪهاڻيءَ کي نئون رنگ ڏنو. هو 23 مارچ 1898ء تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو، مئٽرڪ ڪراچيءَ مان ڪري، اعليٰ تعليم لاءِ بمبئيءَ ويو، جتان بي. اي ڪري، 1896ء ۾ ڪراچيءَ واپس وريو. هن پهريائين روينيو کاتي ۾ نوڪري ورتي، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ اها ڇڏي، هڪ خانگي اسڪول ۾ ماستر ٿيو. هو پنهنجي صلاحيتن سان ترقي ڪري ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو، جتان 1939ء ۾ پينشن ورتائين.[1]