آيت يا آية (انگريزي: Ayat ) عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي نشاني. اهڙي نشاني، جيڪا تفسير ۽ تشريح کان سواءِ ئي سمجهه ۾ اچي. قرآن پاڪ جو هڪ جملو يا فقرو آيت سڏبو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ آيت لفظ قرآني حوالي سان استعمال ۾ اچي ٿو. قرآن پاڪ ۾ 6666 آيتون آيل آهن.[1]آيتون يا “آيت” قران شريف جي هڪ جملي يا فقري کي چئبو آهي. آيت لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ’نشاني‘. ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن قران شريف جون آيتون تضمين طور شاعريءَ ۾ ڪم آنديون آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ گھڻن اديبن جو خيال آھي تہ شاهه لطيف پنهنجن بيتن کي آيتون سڏيو آهي. ”جي تون بيت ڀانئيين، سي آيتون آهين! شيخ اياز بہ شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف کي مخاطب ٿي چيو آهي: مون وٽ آهن بيت، تو وٽ مڙئي آيتون![2] تفھيم القرآن مطابق آيت جي معني آهي نشاني يا علامت جيڪا ڪنھن شئي جي طرف رھنمائي ڪري.قرآن ۾ ان لفظ جو استعمال چار مختلف معنائن سان ٿيو آھي: علامت يا نشاني؛ آثار ڪائنات؛ معجزات؛ ۽ قرآن جا فقرا.[3] [4]. قرآن ۾ ايتن جي ڊيگھ گھٽ وڌ آھي . ڪي ننڍيون تہ ڪي وڏيون آيتون آهن. آيت مثال طور ھيٺ ڏجي ٿي:

سورھين صدي جو ھڪ کليل قرآن جنھن ۾ سورة ۽ آيتون ڏسجن ٿيون

تِلْكَ آيَاتُ ٱللَّٰهِ نَتْلُوهَا عَلَيْكَ بِٱلْحَقِّۖ فَبِأَيِّ حَدِيثٍۭ بَعْدَ ٱللَّٰهِ وَآيَاتِهِۦ يُؤْمِنُونَ
"اھي الله جون آيتون آھن، جي توکي سچ سان پڙھي ٻڌايون ٿا، پوء (ھاڻي) الله (جي نصيحت) ۽ سندس آيتن (کي ڇڏڻ) کان پوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا؟ "

— سورة جاثيه جي آيت 6، (سنڌي ترجمو مولانا تاج محمد امروٽي واري مان ورتل)

مسلمانن جو ايمان آھي ته آيتون خدا جو انسانن لاء پيغام آهي[5].

حقيقت ۾ سنڌ جي مڙني شاعرن ۾ سڀني کان وڏو سالڪ ، قرآن پاڪ جو ادراڪ رکندڙ شاعر ڀٽائي صاحب ھو، اڄ سوڌو رهيوآهي. ان کان علاوه قرآن شريف شاھ صاحب سان ھميشه گڏ ھوندو ھو. ان جو چڱيئ ريت پاڻ مطالعو ڪندا رھندا ھئا. شاھ صاحب جي ڪجهه بيتن ۾ مڪمل آيتون تہ ڪٿي وري آيتن جا ڪجهه حصا ،جيئن جو تيئن عربي ٻوليء ۾ ڏنل آهن مثال: وفي انفسڪم افلا تبصرون، ...فڪان قاب قوسين او ادنی وغيره.

ان مان ظاھر ٿئي ٿو تہ شاھ صاحب قرآن پاڪ جو نھايت گھرو مطالعو ڪيو آھي. انھيئ سبب جي ڪري ڪجهه عالمن ۽ اديبن جي راء آھي تہ شاه صاحب پنهنجي شعرن کي آيتون ڪونہ سڏيو آھي، پر ھي شعر، "جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين...." ھڪ واقعي سان منسوب آھي، ان واقعي جو ذڪر قرآن ۾ موجودآهي، اھو ائينء آهي تہ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جڏھن ڪافرن کي ٻڌايو تہ مون ڏانهن الله جون آيتون نازل ٿيون آھين، تہ ان کي ڪافر بلڪل مڃڻ لاء تيار نہ ھئا ۽ چوڻ لڳا تہ ھي محمد جي شاعري آھي يعني محمد جا بيت آھن. ڀٽائي صاحب ان سڄي مامري کي پنهنجي شعر۾ لکيو آھي "جي تو بيت ڀانئنيا سي آيتون آھين، نيو من لائين پريان سندي پار ڏي" اگر ڀٽائي پنھنجن شعرن کي آيتون سڏي ھا تہ سندس ھمعصر نقاد عالم ، مخدوم ھاشم ٺٺوي ۽ ابو الحسن ڏاھري ضرور اعتراض ڪن هان، ڇوتہ انهن کي سندس دنبوري تي اعتراض هو.

آيتن جا قسم

سنواريو

قرآن ۾ آيتن جا ٻہ قسم ٻڌايا ويا آهن: (1) محڪماتي (آيات محڪمات) ۽ (2) متشابھاتي (آيات متشابھات). محڪماتي آيتون اھڙين آيتن کي چوندا آهن جيڪي چٽيون ۽ واضع آھن جن جي بنياد تي عالمن فقه جا اصول مرتب ڪيا آھن[5] ۽ متشابھات آيتون اھي آھن جيڪي غيرواضع ۽ پراسرار آھن جن ۾ حروف مقطعات واريون آيتون شامل آهن ہا وري اھڙيون آيتون جيڪي قياس آرائي واريون آھن يا جيڪي ويچار ڪندڙن ۽ روحاني رمز رکندڙن جو ڌيان ڇڪائينديون آھن [5]. قرآن ۾ آيت لفظ خدا جي نشانين ۽ ڪائنات جي مظھرن لاء بہ استعمال ٿيو آهي[5].

  1. آيت : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 69 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}
  4. Campo, Juan E. (2009). Encyclopedia of Islam. New York: Facts On File. p. 77. ISBN 9780816054541
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 77,