آهُرِي يا آهر جو ٻج (ڄانڀي ۽ سرنهن جي جنس مان) پتائي گجرن جو آچار. ’آچار‘ گهڻين ئي شين جو ٺهي ٿو، پر خاص ’گجرن‘ جي ٺهيل آچار کي ”آهري“ سڏبو آهي. گجرن کي ڪٽي انهن ۾ سائي ٿوم جا ٽڪر، (جنهن کي لاڙ ۾ ’آهر‘ چون) ڏڏر ٿيل، هئڊ، ڳاڙها مرچ ۽ لوڻ چمچي کن سرنهن جي تيل ۾ ملائي پاڻيءَ ۾ سَنڌِين. ٻئي ڪنهن بہ آچار کي ’آهري‘ بہ سڏبو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ. سال:2012ع