آمين اصل ۾ عبراني زبان جو لفظ آهي، جيڪو عربي زبان ۾ پڻ ساڳي صورت ۾ استعمال ٿيو آهي. هن لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ”خدايا قبول ڪر“. گهڻو ڪري هي لفظ ”سورة الفاتحہ“ (الحمد شريف) جي پُڄاڻيءَ تي ۽ هر دعا جي آخر ۾ چيو ويندو آهي. قرآن پاڪ ۾ هي لفظ نہ آهي، ۽ نہ ئي وري ٽئين خليفي جامع القرآن حضرت عثمان غني رضہ جي مرتب ٿيل ابتدائي نسخي ۾ آيل آهي. البتہ هر دعا جي آخر ۾ ”آمين“ چوڻ سنت آهي، جنھن مان خير ۽ برڪت جي مراد ورتي وڃي ٿي.[1]

حوالا سنواريو