آمريڪي فلمنڱگو
آمريڪي فلمنڱگو(انگريزي: American flamingo), (سائنسي نالو:Phoenicopterus ruber) فلمنڱگو پکي جي ھڪ وڏي جنس جو نالو آهي جيڪو گريٽر فلمنڱگو۽ چليءَ جي فلمنڱگوواهن جنسن جي وڌيڪ ويجھو آهي. ھن کي ڪيريبين فلمنڱگو پڻ چوندا آهن. ڪيوبا ۾ ان کي گريٽر فلمنڱگو چون ٿا.اتر آمريڪا ۾ رھندڙ فلمنڱگو جو ھي واحد قسم آھي.
آمريڪي فلمنڱگوAmerican flamingo | |
---|---|
گيليپاگوس ٻيٽ | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Phoenicopteridae |
Genus: | فونيڪاپٽرس |
جنس: | Template:Taxonomy/فونيڪاپٽرس{. ريوبر |
حياتياتي نالو | |
فونيڪاپٽرس ريوبر ڪارل لينئوس | |
آمريڪي فلمنڱگو جي ورھاست |
تفصيلي تعارف
سنواريوھي ڊگھين ڄڻگھن وارو پاڻي جھاڳيندڙ ۽ ڳاڙھاڻ مائل گلابي رنگت جي کنڀن وارو پکي آهي. ٻين فلمنڱگو پکين وانگر ھي بہ مئي ۽ آگسٽ جي مھينن ۾ چيڪي مٽيء جي کوڙي تي صرف ھڪڙو چاڪ جھڙي اڇي رنگ جھڙو آنو لاھيندو آھي. آني تي ڦٽڻ تائين آرو 28 کان 32 ڏينھن تائين ٿيندو آهي. پيء ۽ ماء گڏجي ٻچي کي پاليندا آھن جيڪو ڇھن سالن ۾ وڏو ٿي لڳ جي قابل ٿي ويندو آهي.ھن پکي جي زندگي 40 سالن تائين ھلندي آھي جيڪا پکين ۾ تمام ڊگھي ڄمار آھي.جوان آمريڪي فلمنڱگو قد ۾ گريٽر فلمنڱگو کان ٿورڙو ننڍو ھوندو آھي پر آمريڪا جي کنڊ ۾ ھي سڀ کان وڏو فلمنڱگو ھوندو آھي. آھي 120 کان 145 سينٽي ميٽر ڊگھا ٿين ٿا.نر جو سراسري وزن 2.8 ڪلوگرام ٿئي ٿو ۽ مادي جو وري 2.2 ڪلوگرام تائين ٿئي ٿو.ھن جا کنڀ اڪثر گلابي ٿين ٿا جنھن ڪري ھن کي ڪنھن وقت گلابي فلمنڱگو بہ چوندا ھئا.
حوالا
سنواريو- ↑ بقرة