آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن

گڏيل هندستان ۾ مسلمان شاگردن جي مشهور تنظيم (AIMSF) هئي. 1935ع ۾ لکنـوء ۾ مسلمان شاگردن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت قائداعظم ڪئي. -ان- اجلاس کان -ترت- ئي پوءِ -جنوري- 1936ع ۾ لکنوء ۾ ’آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن-‘ جو بنياد پيو. فيڊريشن جو پهريون اجلاس ڊسمبر 1937ع ۾ ڪلڪتي ۾ قائداعظم جي صدارت ۾ ٿيو. -ان- کان پوءِ هن تنظيم مسلمانن جي عظيم مفادن لاءِ باقاعده ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
سنڌ ۾ هن فيڊريشن جو بنياد 1943ع ۾ پيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فيڊريشن جون شاخون کوليون ويون، جيڪي ’يونين‘ جي نالي سان سڏبيون هيون. سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پهريون صدر عبدالعليم دريشاڻي ٿيو. حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري قاضي عبدالمنان، -ٺٽي- جو عبدالڪريم عقيلي، شڪارپور جو عبدالغفور ڀرڳڙي (خادم -الاسلام-) ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي يونين جو سيڪريٽري نجم الدين -بلوچ- ٿيا سنڌ جي مسلمان شاگردن هن تنظيم ۾ جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪيو. سنڌ ۾ هن پليٽ فارم -تان- خدمتون سرانجام ڏيندڙن ۾ -آغا غلام نبي پٺاڻ-، ڪريم بخش خالد، -اختر- مير منصب علي، حاجي عبدالله هارون جي خاندان جا ماڻهو ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن.[1]