آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس

آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس (انگريزي: All India Muhammadan Educational Conference) جو باني سرسيد احمد خان هو، جنهن مسلمانن ۾ تعليم جو لاڙو پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. ڪانفرنس جو پهريون اجلاس 27 ڊسمبر 1886ع تي علي ڳڙهه محمدن ائنگلو اورينٽل ڪاليج ۾ ٿيو. هن تحريڪ ذريعي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. ڍاڪا يونيورسٽي ۽ اسلاميه يونيورسٽي به هن تحريڪ جو ثمر هيون. هن ڪانفرنس جي 1906ع واري ويھين اجلاس ۾ مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو. هن ڪانفرنس پاران 1907ع ۾ ڪراچيءَ ۾، 1914ع ۾ روالپنڊيءَ ۾، 1919ع ۾ خيرپورميرس ۾ ۽ 1936ع ۾ لاهور ۾ وڏي پئماني تي اجلاس ڪيا. هن ڪانفرنس ذريعي ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج پڻ وجود ۾ آيا.[1] ھن ڪانفرنس تعليم جي واڌاري لاءِ مختلف شھرن ۾ جلسا ڪيا ۽ ھر شھر ء علائقي ۾ ڪانفرنس جون ذيلي ڪميٽيون قائم ڪيون ويون. ان ڪانفرنس سان مسلمانن ۾ تعليمي جذبو ۽ شوق پيدا ٿيو. ھن ڪانفرنس ملڪ جي مختلف حصن ۾ اجلاس ڪيا ۽ مسلمانن کي جديد تعليم جي اھميت کان آگاھ ڪيو.ھن ڪانفرنس جي سربتھن ۾ نواب محسن الملڪ، نواب وقار الملڪ، شبلي نعماني ۽ مولانا الطاف حسين حالي جھڙيون شخصيتون شامل ھيون

ڍاڪا۾ 30 ڊسمبر 1906 واري ڪانفرنس جي اجلاس ۾ مسلم ليگ جو بنياد پيو
سر سيد احمد خان

حوالا سنواريو