آغا شهاب الدين،آغا تاج محمد جو فرزند 3 جون 1939ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. جامعه عربيه هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي آنرس ۽ ايم. اي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيائين. بعد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڊيولپمينٽ آفيسر مقرر ٿيو. لڳ ڀڳ 39 سال سنڌ جي مختلف شهرن ۾، مختلف ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ 1999ع ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائر ڪيائين.
علمي ادبي ۽ تعليمي ڪمن ۾ سدائين اڳي کان اڳرو رهندو هو، خاص طور تي سچل سرمست ۽ لعل قلندر جي ميلن تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو هو. سندس ڪالم ۽ مضمون، گذريل ٽيهن سالن کان وٺي سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ تصنيف ڪيل آهن. جن ۾ ”سنڌ جو مقدمو“ ۽ ”عدالت عداوت“ ”لوڪل گورنمينٽ سسٽم (انگريزي)، ڪميونٽي ڊيولپمينٽ“ (انگريزي) ۽ ”ايوانن ۾ پڙاڏو“ اهم آهن. هن ڪوميلا ۽ منيلا ۾ لوڪل گورنمينٽ ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ جي سلسلي ۾ ٻن ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ کان سواءِ يورپ، آمريڪا، شام ۽ عربستان جا دؤرا پڻ ڪيا آهن. هن قاسم آباد حيدرآباد ۾ ’آغا تاج محمد هاءِ اسڪول‘ ۽ ’شهاب ڪاليج‘ جي نالي سان تعليمي ادارا قائم ڪيا. هو آگسٽ 2011ع ۾ وفات ڪري ويو.[1]