آغا حسن عابدي

پاڪستاني بينڪار

آغا حسن عابدي، 1922ع ڌاري، لکنئو (ڀارت) ۾ ڄائو. انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ قانون جي ڊگري پڻ ورتائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، بئنڪاريءَ جو پيشو اختيار ڪيائين. 1946ع ۾ حبيب بئنڪ سان مُنسلڪ ٿيو. ٻارهن سالن جي ملازمت دوران گهڻن ئي انتظامي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. 1959ع ۾، پاڪستان ۾ يونائيٽيڊ بئنڪ (U.B.L) قائم ڪيائين. سندس صدارت ۾، ڏسندي ڏسندي، يونائيٽيڊ بئنڪ پاڪستان جي ٻيو نمبر وڏي ڪمرشل بئنڪ بڻجي وئي. جڏهن پاڪستان ۾، بئنڪن کي سرڪاري ملڪيت ۾ ورتو ويو ته پاڻ، خود ئي يونائيٽيڊ بئنڪ مان رٽائر ڪيائين. بعد ۾ هڪ وڏي انٽرنئشنل بئنڪ، ”بئنڪ آف ڪريڊٽ ائنڊ ڪامرس انٽرنئشنل“ (B.C.C.I) جو بنياد وڌائين. اها بئنڪ هن خاص طور تي واپاري مقصدن لاءِ قائم ڪئي هئي، پر بعد ۾ آغا صاحب انهيءَ بئنڪ کي ٽينءَ دنيا جي ملڪن جي گڏيل ڀلائيءَ جو هڪ ادارو بڻائي ڇڏيو. هن خانگي طرح بيشمار خاندانن جي علاج معالجي، اديبن جي مدد ۽ ٻارن جي ڀلائيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪيو. اجتماعي سطح تي آغا صاحب ڪراچي سنڌ ۾ ڪيترائي سماجي ۽ فلاحي ادارا ۽ فائونڊيشن قائم ڪيا، جن جو مقصد ماحولياتي تحفظ، غربت ۽ بک جو خاتمو هو.
آغا صاحب، ٽين دنيا ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيڻ تي هڪ لک ڊالرن جو ’ٿرڊ ورلڊ پرائيز‘ قائم ڪيو ۽ حڪومت پاڪستان کي ملڪي مسئلن ۽ اقتصادي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ، وڏا وڏا قرض ڏنا. هن ’ٿرڊ ورلڊ فائونڊيشن‘ قائم ڪري، هڪ تحقيقي رسالو ”سائوٿ“ جاري ڪيو، ۽ ڪتابن جي ڇپائيءَ جو اهتمام ڪيو. 1989ع ڌاري، مختلف سببن ڪري. بي. سي. سي. آءِ ڪمزور ٿي وئي، جنهنڪري آغا صاحب جي دل تي گهرو اثر ٿيو. آخرڪار 5 آگسٽ 1995ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.[1]