سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون آغا بدرالدين گهنيو تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ آغا بدر الدين (سلجھائپ) ڏسو.

نامور اديب ۽ تعليمي ماهر آغا بدر الدين ولد محمد عالم گهنيو 15 سيپٽمبر 1972ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. هن 1992ع ۾ بي.ايس.سي:، 1994ع ۾ ايم.اي (سنڌي ادب)، 1996ع ۾ ايم.ايس.سي ۽ 1997ع ۾ بي.ايڊ: پاس ڪيائين. سائنس جو استاد مقرر ٿيو. پڙهائيءَ سان گڏوگڏ علمي ادبي خدمتون به جاري رکيائين. 1991ع ۾ ٽئين درجي لاءِ سماجي اڀياس (نصابي ڪتاب) لکيائين, 1992ع ۾ ٻئي درجي لاءِ جاگرا في (نصابي ڪتاب) لکيائين ۽ 1998ع ۾ مئٽرڪ لاءِ ڪيمسٽريءَ جو درسي ڪتاب لکيائين، جيڪي ٽيئي ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪلاسن ۾ ڪورس طور پڙهايا وڃن ٿا. هن 1997ع ۾ وڪٽر پبلڪ اسڪول جيڪب آباد جي گولڊن جوبلي جو سووينيئر ترتيب ڏئي ڇپرايو. آغا بدرالدين وڪٽر پبلڪ اسڪول ۾ به رهيو ۽ 1999ع ۾ ڪيمبريج پبلڪ اسڪول ۾ پرنسپال رهيو. پاڻ 2000ع ۾ سائنس ڪاليج جيڪب آباد جو باني ۽ پرنسپل ر هيو، جتان ڪجهه عرصي بعد استعيفا ڏئي, 2002 ۾ رائل ڪاليج آف سائنس جيڪب آباد جوبنياد رکيائين. آغا بدر الدين اسڪائوٽنگ، فوٽو گرافي ۽ ڪئليگرافي ۾ پڻ مهارت رکي ٿو، کيس خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ۽ ميڊل ملي چڪا آهن. هن وقت جيڪب آباد ۾ رهائش پذير آهي.[1]