آصف بالاديءَ جو اصل نالو الهڏتو بالادي آهي، هن ڳوٺ خان بالادي تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري ۾ هڪ غريب گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد ارباب علي بالادي هاءِ اسڪول ۾ ننڍي ملازمت ڪندو هو. آصف پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڪنڊياري مان ۽ گريجوئيشن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان جينيٽڪس اينڊ پلانٽ بريڊنگ ۾ ڪئي. هو سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر 1980ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر 1981ع ۾ ٿيو. 1985ع کان 1988ع تائين جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جو مرڪزي سيڪريٽري رهيو. 1990ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي سينٽرل ڪميٽي جو ميمبر ۽ 96-1995ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مختلف مرڪزي عهدن تي رهيو. 87-1986ع ۾ صحافت سان به وابسته رهيو. هو صدر مشرف جي دور ۾ گرفتار ٿيو ۽ 16 مهينن تائين قيد تنهائي ۾ رهيو. اهو سمورو عرصو سندس عزيز ۽ دوست کيس ڳولهندا رهيا. هو انهن سوين ماڻهن مان هڪ هو جيڪي مشرف دور ۾ پراسرار طور لاپتا رهيا. آصف بالاديءَ جون مکيه سرگرميون ۽ دلچسپيون سياست، ادب، فلسفو، سير ۽ سفر آهي. هو هن وقت پنهنجون ساروڻيون ”ڪجهه ساريم، ڪجهه وساريم“ جي سري هيٺ لکي رهيو آهي. هن وقت ڄامشوري ۾ رهائش پذير آهي.[1]