آشا چاند (انگريزي ٻولي: Asha Chand)، سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اديب جوڙي، اي. جي. اُتم ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جي لائق نياڻي آهي.

جنم سنواريو

23 مارچ 1951ع تي ممبئيءَ ۾ ڄائي.

پڙهائي سنواريو

هن بي. اي ايڪانامڪس ۽ ايم. اي (سنڌي ادب)، سان گڏ بزنس مئنيجمينٽ ۾ ڊپلوما ۽ بئنڪنگ جو BIIS جو ڪورس پاس ڪيل اٿس.

سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ سندس جاکوڙ سنواريو

پنهنجي مڙس چاند پنجابيءَ (پنجابي سنڌي هندن جي نک آهي) سان گڏجي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪري رهي آهي. هوءَ هڪ ئي وقت پبلشر، ميوزڪ پروڊيوسر، ٽي وي پروڊيوسر ۽ ادبي ثقافتي پروگرامن جي آرگنائيزر آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي سفير سنواريو

هوءَ پنهنجون سموريون صلاحيتون سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ تهذيب جي واڌاري لاءِ ڪم آڻيندي رهي ٿي. هوءَ ممبئي ۽ دبئيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ سچي سفير آهي. هن انڊيا سميت ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي نوجوان نسل ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيتريون سي ڊيون (CDs) تيار ڪيون آهن، جن ۾ سڀ کان مقبول سي. ڊي، اچو ته سنڌي سکون (انگريزي ٻولي: Let’s Learn Sindhi) آهي، جيڪا سڄيءَ دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4000 سنڌين جي هٿن تائين پهچي چڪي آهي. هن خاص ڪري سنڌي ٻارن لاءِ هڪ نئين سي. ڊي ”پنجتنتر“ نالي جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپ ننڍيون ڪهاڻيون، نرسري گيت ۽ رانديون شامل آهن. ان کان سواءِ هن هند ۾ سنڌي ادب جي ٽمورتي، ڪيرت، اتم ۽ مالهي جي انٽروين تي مشتمل هڪ آڊيو ڪيسٽ به جاري ڪئي آهي، جيڪا ڏاڍي مقبول ٿي هئي.

آشا جي سنڌي ٻولي سان اُنس سنواريو

سنڌي ٻولي هن جي رت ۾ شامل آهن. هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ جي سنڌ لاءِ لازوال محبت کان حد کان وڌيڪ متاثر آهي. پنهنجي ماءُ جي ڪهاڻين ۽ شاعريءَ کان تهائين وڌيڪ، ان ڪري هن سندري اتمچنداڻيءَ جا 1992ع کان ڪتاب ڇپائڻ جو ارادو ڪيو. پنهنجي ڀيڻ بينا سان گڏجي جيئي سنڌي پبليڪيشن قائم ڪري سندريءَ جا ٽي ڪتاب ڇپائي چڪي آهي. ان کان سواءِ ماءُ جي جنم ڏينهن تي هن سندس نظمن/ نثري نظمن جي آڊيو ڪئسٽ ”هڳاءُ نالي“ جاري ڪري، کيس سالگرهه جي تحفي طور ڏني، جيڪا سنڌ ۽ هند ۾ ڏاڍي مقبول ٿي.

سنڌي سنگت سنواريو

آشا چاند، سنڌي ٻولي، ادب ۽ ورثي جي سگهه ۽ اهميت محسوس ڪندي 2000ع ۾ دبئيءَ ۾ ”سنڌي سنگت“ نالي آرگنائيزيشن جوڙي.موجوده سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ آڊيو ويوزئل ميڊيا ذريعي دلچسپ ٽيلي فلمن (Tele films) ۽ T.V پروگرامن لاءِ سنڌي ميوزڪ وڊيو تيار ڪرڻ تي ڪم جي شروعات ڪئي آهي. ان ڏس ۾ هن ابتدا پنهنجي ماءُ جي لکيل ولايتي گهوٽ جي ڳولا عنوان واري مزيدار ٽيلي فلم سان ڪئي. هن اهڙيءَ طرح سنڌي ٽيليويزن پروگرامن لاءِ 16 ٽيلي فلمون تيار ڪيون آهن، جيڪي دوردرشن, انڊيا ۽ دوردرشن گجرات تان سنڌي سرهاڻ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ٿي چڪيون آهن. ان کان سواءِ هوءَ سنڌي ميوزڪ وڊيوز تي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪي دور درشن تان ٽيليڪاسٽ ٿينديون ۽ پڻ ڊي وي ڊي تي رليز ٿينديون. آشا چاند دبئيءَ ۾ ڪي ٽي اين جي ڪيترن گرانڊ ميوزيڪل پروگرامن ۾ سهڪار ڪري چڪي آهي. سندس نياڻي مومل پڻ بهترين ڪمپيئر ۽ اداڪاره آهي، جيڪا ماءُ سان سنڌي ٻوليءَ جي مٿين ترقيءَ وارن پروگرامن ۾ ٻانهن ٻيلي هوندي آهي.[1]