آسيان ملڪن جو آزاد و اپار وارو علائقو

آسيان فري ٽريڊ ايريا (Asean Free Trade Area) يا آسيان ملڪن جو آزاد و اپار وارو علائقو،ڏاکڻي اوڀر ايشيا جي ڀائيچاري وارين قومن (ASEAN) جي ميمبر ملڪن وچ ۾ هيءُ معاهدو، 28 جنوري 1992ع ۾ سنگاپور ۾ ٿيو. شروعاتي دور ۾ هن تنظيم جا ڪل ڇهه ميمبر يعني برونائي، انڊونيشيا، ملائشيا، فلپينس ۽ سنگاپور هئا، ان کان پوءِ ويٽنام (1995ع)، لائوس، ميانمار (1997ع) ۽ ڪمبوڊيا (1999ع) به هن تنظيم جا ميمبر بڻيا. پوين چئني ميمبرن کي AFTA جي ٽيڪس گهٽائڻ واري پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو ويو ۽ کين AFTA جو ميمبر به ان ڪري ڪيو ويو، ته جيئن اهي جلد ئي ASEAN جا ميمبر ٿي سگهن. AFTA اصل ۾ هڪ واپاري ڪٺ آهي، جنهن جو مقصد ميمبر ملڪن ۾ پيدا ٿيندڙ وکرن جي لاءِ منڊي ڳولي، هڪٻئي جي پيداوار ۾ ڀائيوار ٿيڻ ۽ هڪٻئي جي واپار کي ترقي وٺرائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ دنيا جي واپاري ۾ AFTA ملڪن جي حصيداري ڳنڍڻ لاءِ، ميمبر ملڪن ۾ ٽيڪسن جي شرح کي گهٽائڻ ۽ ٻاهرين سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ، هن تنظيم جو اهم مول متو آهي. ان حاصلات جي حوالي سان، ’گڏيل ترجيحاتي متحرڪ محصول‘ (Common Effecrtive Preferential Tarrif) يعني، CEPT رٿا جي ذريعي 1992ع ۾ اهڙو وچُور تيار ڪيو ويو، جنهن ڪري نتيجي ۾ هن علائقي جي دنيا ۾ مقابلي جوڳي پيداواري حيثيت سگهاري ٿي، ۽ اهو بين الاقوامي منڊيءَ ۾ پنهنجي ساک قائم ڪري سگهيو. هن تنظيم جي ترجيحن ۾ زراعت سميت مختلف ٻين شعبن جي پيداوار شامل آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2019-06-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد