آسانند مامتورا

سنڌي ڪھاڻيڪار ۽ نثرنويس

سنڌي ٻوليءَ جي بزرگ ساهتڪار، نثر نويس ۽ ڪھاڻيڪار آسانند مامتورا، 1903ع ۾ اولڊ ٽائون ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي سندس لاڙو ادب ۽ فلسفيءَ طرف رھيو. ھاءِ اسڪول جي تعليم دوران لالچند امر ڏنيمل جڳتياڻيءَ ۽ ڪاليج ۾ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جھڙن وڏن ليکڪن وٽ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ سندن صحبت اختيار ڪرڻ سبب ھن جي دل ۾ به ادب لاءِ چاھ پيدا ٿيو، اسڪولي زندگيءَ ۾ ئي چيدا مضمون لکڻ شروع ڪيائين. ڪاليج جي زماني ۾ ڪيترا ليک ۽ ڪھاڻيون لکيائين. ڪاليج جي پرنسپال گربخشاڻيءَ سندس ڪھاڻيون پڙھي، کيس صلاح ڏني ته ھو صرف ڪھاڻيون لکي.
آسانند مامتورا، امر لال ھنڱوراڻيءَ ۽ مرزا نادر بيگ کان پوءِ حقيقت نگاريءَ واري دور جو ٽيون وڏو ڪھاڻيڪار آھي، جنھن سنڌي ڪھاڻيءَ کي ھڪ نئون موڙ ڏنو، سندس ڪھاڻيون حقيقت تي ٻڌل ته ھيون، پر ھن انھن ۾ پھريون ڀيرو نفسياتي ۽ جنسي مسئلن کي ڇھيو. پروفيسر منگھا رام ملڪاڻيءَ جي لکڻ موجب سندس پھرين سماجي ڪھاڻي ’ھيءُ پريم‘ 1932ع ۾ ’سنڌو‘ رسالي ۾ شايع ٿي. ان کان پوءِ جڳت آڏواڻيءَ، 1939ع ۾ ، آسانند مامتورا جي چئن ڪھاڻين جو مجموعو ’جيوت، پريم ۽ پاپ جون ڪھاڻيون‘، ڪھاڻي ساھت منڊل، حيدرآباد پاران ڇپائي پڌريون ڪيون. 1943ع ۾ ’آشا ساھت منڊل‘ طرفان سندس ٽن ڪھاڻين جو مجموعو ’آرسي‘ نالي سان ظاھر ٿيو، ان وچ ۾ سندس پنج ڪھاڻيون ’سنڌو‘ رسالي ۾ پڻ ڇپيون. 1932ع کان 1949ع تائين سندس لکيل 11 ڪھاڻيون ’ڳنوارڻ‘ عنوان سان، سنڌي ٽائيمس پبلڪيشن الھاس نگر (ڀارت) ڊسمبر 1978ع ۾ ڇپائي پڌريون ڪيون.
آسانند مامتورا ڪھاڻيڪار سان گڏ ھڪ ناول نگار به ھو. سندس پھريون آدرشي ناول ’شاعر‘، 1941ع ۾ ’آشا ساھت منڊل‘ ڇپائي پڌرو ڪيو، سندس ٻيو طبع زاد ناول ’حليما‘ سندس جنم ڀومي سنڌ جي مسلم زندگيءَ تي آڌاريل شاھڪار ناول آھي، جيڪو ڪونج پبليڪيشن بمبئيءَ 1977ع ۾ ڇپي پڌرو ڪيو. ھي ٻئي ناول سنڌ ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ چونڊ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران پڻ شايع ٿيا. آسانند مامتورا جي زندگيءَ جو گھڻو حصو ڪراچيءَ ۽ بعد ۾ بمبئيءَ جي اسڪول ۾ ھيڊ ماستريءَ ۾ گذريو.[1]