شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آزاد بخاري جو اصل نالو عبدالڪريم شاھ آزاد بخاري آهي. هن چڪ، ضلعي شڪارپور ۾ پهرين مئي 1966ع تي جنم ورتو. هن بي.ڪام 1985ع ۾، ايم.اي سنڌي 1987ع ۾، اي. ايم. سي 1994ع ۾ پاس ڪئي. شڪارپور ضلعي جي تعلقي لکيءَ جي شهر عبدوءَ جي هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ ماستر آهي. هن شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکيا ۽ ڪيترا ترجما پڻ ڪيا آهن. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”سندر ناري“ 1986ع ۾ ڇپيل آهي. هن جو ٻارن لاءِ ڪتاب ”خوشبو ۽ ٻار“ 2008ع ۾ ڇپيل آهي. هن وقت چڪ شهر ۾ رهائش اٿس.[1]

حوالا سنواريو