آري فقير پٽ پنهون چانڊيو، 1920ع ۾ ڳوٺ ”وَر“ تعلقي گهوڙاٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ڪجهه وقت انجنيئري کاتي ۾ ملازمت ڪيائين، پر گهڻو وقت مال جو واپار ڪيائين. جوانيءَ ۾ ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي، علاج لاءِ سمن شاهه درويش جي درگاهه تي ويو، جتي چاق ٿيڻ کان پوءِ ساداتن جون مينهون چارڻ لڳو. آخر ڀاءُ کيس ڳوٺ وٺي آيو. انهيءَ سڪ ۾ هن ڪلام چيا، جيڪي سنڌي، سرائيڪي ٽيهه اکرين، قصن ۽ بيتن تي مشتمل آهن.[1]