آريسر سنڌ جي ھڪ ذات، جيڪا سماٽ قبيلي سان تعلق رکي ٿي. ان جو شجرو ڄام انڙ سمي سان ملي ٿو. آريسر ولد مناھي ولد تڳودر ولد ڏيرو ولد ٿيٻو ولد انڙ. آريسر ۽ ڇڇر ٻه ڀائر ھئا. آريسر کي پنج پٽ ٿيا: آرادين، حسڻ، نورالدين، رڪڻ ۽ ميمڻ. سنڌ ۾ موجود آريسر ذات جا ماڻھو مٿئين آريسر جو اولاد آھن. ھيءَ ذات اڪثر ٿر پارڪر، سانگھڙ ، مسڻ ۽ ضلعي خيرپور ميرس ۽ بدين جي علائقن ۾ آباد آھي. هن ذات جي حوالي سان عمرڪوٽ جي ديهه نبي سر ۾ ”آريسر جو تڙ ۽ ديهه ”ڪپلور ٿر“ ۾ ”آريسر جي ڍاڻي“ نالي ڳوٺ موجود آهن.[1]

حوالا سنواريو