هيءَ هڪ ذات آهي، جيڪا ’آريءَ‘ نالي هڪ شخص جي اولاد مان آهي. هن وقت آريجن جو گهڻو انگ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ آهي.[1]

آريــجــن جـا لاڙڪـاڻـي ۽ قمـبـر-شھـدادڪوٽ ضلعن ۾ ٽي وڏا ڳوٺ آهن؛ 1. خير محمد آريجا، تعلقو ڏوڪري/ باقراڻي 2. ڦيڙهي وارا آريجا، تعلقو قمبر ۽ 3. محمدي آريجا، تعلقو وارھ.

آريجن جي شھر ۾ خير محمد آريجو نالي، ھڪڙو بزرگ ٿي گذريو آھي، جيڪو صاحبِ شريعت ھيو. سندس وقت ۾، سندس موجودگيءَ ۾ ڪنھن کي به مجال نه ھئي جو دھل دماما يا موسيقي وغيرھ وڄائي. شھر ۾ رھندڙ لنگھا/ مڱڻھار، گذر سفر لاءِ ٻين شھرن ڏانھن ويندا ھيا. کين آريجا شھر ۾ دھل نه وڄائڻ سببان، پڳر به نه ملندو ھيو، جنھن تان ھڪ ڏينھن ھڪڙي، آريجوي لنگھي/ مڱڻھار، ائين چئي دل جي باھ لاٿي هئي. ”لاهي لنگا ويھه، آريجن مان آسرو.“ پني پرائو ڏيھه، اچي کاءُ آريجن ۾. [2]