آرون
هڪ ننڍي تڏ يا مڪڙ جيڏو جيت، جنهن جو واسو جهنگلي ٻوٽن ۾ هوندو آهي. هي جيت جيتوڻيڪ تڏين ۽ مڪڙين جي ڪٽنب جو ئي آهي، پر ڪڏهن به فصل کي نقصان نه پهچائيندو آهي. هيءُ جيت سدائين جهنگ ۾ ٻوڙن ۽ وڻن ۾ رهندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن گهرن ۾ پوکيل وڻن لوڙهن ۽ ڪن ننڍن گاهن جهڙوڪ ڊڀن وغيره ۾ به هن جو آواز ٻڌبو آهي. هي جيت ڏينهن جو بلڪل خاموش رهندو آهي، پر رات جو شور ڪندو رهندو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر سارنگ جي هڪ بيت ۾ ڪم آندل فقرو ”آڙيون ابر آسري“ اصل ۾”آرون ابر آسري“ آهي،ڇو ته ”آڙي“ ڍنڍ جو پکي آهي، اُن جو برسات سان ڪو لاڳاپو نه آهي. هن بيت جي درست پڙهڻي هن ريت آهي:
”آرون“ ابر آسري، تاڙا تنوارين (شاهه)[1]