آربي
آربي (Alocasia ) هڪ مشهور ڀاڄي، جنهن کي اروڙي به چئبو آهي. فارسيءَ ۾ ’قلقاش‘ ۽ هنديءَ ۾ ’گهبان‘ سڏجي. هن جو نباتاتي نالو Alocasia Indica آهي. هي ڀاڄيءَ مختلف طريقن سان رڌبي آهي. هن جو مزاج سرد ۽ تر آهي. هن ۾ وٽامن A ۽ B کان سواءِ روغني جزا ۽ نشاستو شامل هوندا آهن. هيءَ ڀاڄي طبي مقصدن لاءِ به ڪم ايندي آهي. هيءَ خشڪي، قبضي ۽ پيشاب جي ساڙي کي ختم ڪندي آهي. هن کي سڪائي پائوڊر ڪري، ڦٽن ۽ ڦرڙين تي لڳائڻ سان فائدو ٿيندو آهي.[1]
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/6/6f/P_Alom_D9903.jpg/220px-P_Alom_D9903.jpg)