آرائين، لوڪ ثقافتي ڪردار. آڳاٽي زماني ۾ خصوصاً سنڌ جي ٻھراڙين ۾، بسنت جي ڏڻ اچڻ تي مڱڻھار فقير موتئي جي گُلن ۽ سرنھن جي پيلن گلن جون جھوليون ڀري، دھلن دمامن سان گھر گھر بھار جي آمد جون واڌايون ڏيندا ھئا. اھڙيءَ طرح بھار جي آمد جو اعلان ٿي ويندو ھو. موٽ ۾ ماڻھو فقيرن کي ان، اٽو، يا روڪڙا پئسا، گھور طور ڏيندا ھئا. انھن مڱڻھار فقيرن کي آرائين چيو ويندو ھو. ھن وقت اھا رسم ختم ٿي چڪي آھي.[1]


”عشق اسان وٽ آرائينءَ جئن، آيو جھول ڀري!
ڪـــوئـــي ڪــيــئــن ڪـــري“ (شيخ اياز)