آديسي
هي هڪ يتيم صفحو آهي جنهن کي ٻين صفحن مان ڳنڍڻو نه ملي رهيو آهي۔ براه ڪرم مقالن ۾ ان جو ڳنڍڻو داخل ڪرڻ ۾ مدد ڪريو۔ |
ھندو فقيرن جو ھڪ خاص فرقو يا گروھ، جيڪي ”آديس گرو“ ڪن، گروءَ جو سلام ڪن ۽ حڪم مڃين. عام معنيٰ ۾ ”آديس“ جوڳين ۽ ٻين فرقن جو سلام آھي.
عليم فقير مڱريو، جيڪو 1920ء ڌاري يا ان کان اڳ، ھندستان کان ايندڙ جوڳين فقيرن سان گڏ سڄا ٽي سال اوڀر سنڌ، جيسلمير ۽ جوڌپور طرف گڏ ھليو ھو، تنھن جي چوڻ مطابق ”اھي فقير ٽولن ۾، سياري ۾ ايندا ھئا. صبح جو سوير اٿندا ھئا ۽ ھٿ منھن ڌوئي ماٺ ڪري ڌڻيءَ جي ڌيان ۾ ويھندا ھئا. مانيون پچائي، گيھه ۽ کنڊ ۾ ڀوري، ڪٽِي ڪري ھڪ وقتو کاڌو ڍؤ ڪري کائيندا ھئا. سڄو ڏينھن ھل ھلان ۾ ھوندا ھئا ۽ وچينءَ جي وقت سج لٿي کان اڳ جتي به ھوندا ھئا، اتي (شھر ۽ ڳوٺ کان ٻاھر) منزل ڪري ويھي رھندا ھئا، ۽ ڪجھه کائي پي سمھي رھندا ھئا“.
سنڌ ۾ چوھاڻ ذات جا مسلمان جوڳي فقير آھن، جيڪي لاڙ جي ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ ۽ پڻ سيوھڻ طرف رھندا آھن. انھن مان محمد فقير، قادربخش فقير ۽ مٺو فقير مرلي وڄائڻ جا ملوڪ ھئا. انھن مان ٻيا جيڪي نانگ بلائون جھليندا ھئا، تن ۾ محمد ھاشم مـُک ھو. مٺي فقير ھن پوئين دور ۾ سنڌ جي جوڳين، ڪاپڙين ۽ سنياسين جي سڃاڻپ ھن طرح ڪرائي:
”مسلمان جوڳي، ذات چوھاڻ، گيڙو ويس ڪن، الفي ڳچيءَ ۾ وجھن، ڪنن ۾ والا پائين، ڳاڙھو بصر ڪونه کائين. رات جو جاڳن، مرلي وڄائين، نانگ جھلين ۽ نانگن بلائن جا منتر ڪن.“
صادق فقير صوفيءَ جي بيت جي ھڪ سٽ آھي
آديسي اڄ مـــر، سڀان مرندو سڀڪو.
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |