آدم ڏر هڪ قديم غار آهي، جيڪا ڌاتو پاھڻي دور سان تعلق رکي ٿي. هي ماڳ رني ڪوٽ جي موھن گيٽ کان اولھ اوتر ۾ اٽڪل 8 ڪلو ميٽر پري ڏاڦري جابلو سلسلي ۾ آهي. ھيءَ ھڪ قدرتي غار آھي، جنھن جي منھن تي آمريءَ دؤر جو ٺڪراٺو موجود آھي. جيتوڻيڪ ھتان ڪوبه پٿري چاقو ڪونہ مليو آهي، پر اتي ئي گوربندي جبل ۾ تاريخ کان اڳ جو ھڪ گبربند مليو آھي. جنھن کي مقامي ماڻهو ’گوربندي‘ چون ٿا. ان گوربنديءَ وٽان پٿر جو چاقو مليو آھي. گوربندي ۽ آدم ڏر جي وچ ۾ ٽن ڪلوميٽرن جو فاصلو آھي. ھي غار ھن وقت ڪنھن بہ ڪم جي نہ آھي، سواءِ ان جي تہ اوچتي برسات ۽ اس کان چپر ڇانءَ مھيا ٿئي. ماڳ جي نالي بابت چون ٿا تہ هتي آدم نالي هڪ ڏوهاري ماڻھو اچي لڪو هو.[1]

حوالا سنواريو