ٽنڊي آدم شهر جو باني رئيس آدم خان مري هو، جنهن 1211ھ بمطابق 1796ء ۾ وفات ڪئي. آدم خان مري اصل ”کپري“ شهر ڀرسان منٺار فقير راڄڙ جي ڳوٺ کاڻي راڄڙ وٽ رهندڙ هو. آدم خان جو والد قائم خان مري ۽ ڏاڏو بهار خان مري به اُتي ئي سندن آبائي قبرستان ۾ دفن آهن. آدم خان جي وفات بابت روايت آهي ته کيس پنهنجي ذات وارن، ڳوٺ شاهه بيگ مريءَ وٽ شهيد ڪري ڇڏيو، ڇوته آدم خان، بهادر، خوددار ۽ سخي مرد هو ۽ وقت جي حاڪمن ۽ راڄن ۾ سندس عزت هئي، جيڪا ڳالهه سندس ذات وارن کان برداشت نه ٿي ٿي. آدم خان بي اولاد گذاري ويو، ان ڪري رئيس قائم خان جي چاچي ڪمال خان کي پڳ ٻڌائي وئي. ڪمال خان جو اولاد ٽنڊي مستيءَ خان ۽ ٽنڊي آدم ۾ موجود آهي.[1]