آدرش (Ideal) تصوراتي طور ڪنھن ماڻهوءَ ، عمل يا شيءِ کي مڪمل ۽ اعليٰ سمجهڻ جو خيال.[1]

آدرش پرستي سنواريو

تصور پرستي، خيال پرستي (Idealism) ڪنھن خيال، تصور، شخصيت وغيره کي فڪري طور پنھنجو آدرش تصور ڪرڻ واري حالت کي آدرش پرستي چئبو آهي.[1]

آدرشي تنقيد سنواريو

آدرشي تنقيد (Ideal Criticism)، تنقيد جو هي قسم نقاد کي مخصوص ۽ اڻ مٽ اصولن جي پابندي سيکاري ٿو. عام لفظن ۾ تنقيد جي هن طريقي مطابق ڪنھن بہ تخليقي پورهئي جي فڪري سگهہ کي پرکي سگهجي ۽ انهيءَ مان ادبي خوبين جا اهي پھلو ڪڍي سگهجن ٿا، جيڪي انھيءَ فطرت کي فراهم ڪيا آهن. هيءَ تنقيد ادب جي اوچن آدرشن جي نشاندهي ڪري ٿي ۽ اهو ڏسي ٿي تہ ڪھڙو ادب اوچ آدرشي آهي ۽ ڪھڙو ادب نيچ آدرشي آهي. سنڌي ادب ۾ هيءَ تنقيد اڃا ايتري عام نہ ٿي سگهي آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.