آخوند ھدايت الله پريم ڊاڪٽر

هدايت پريم جي قلمي نالي سان لکندڙ هن اديب ۽ استاد جو پورو نالو ڊاڪٽر ھدايت الله آخوند آھي. 24 مارچ 1946ء تي تعلقي اوٻاوڙي، ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم روھڙيءَ مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم اسلاميه ڪاليج سکر مان ۽ ايم.اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1973ء ۾ ڪيائين. ھن جا ٽي ڪتاب: ’سنڌي ٻوليءَ جا محقق‘، (ٻه ڇاپا، ٻيو ڇاپو وڌايل سڌاريل 2007ء) ’ٿر جي ٻولي‘ (پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سان گڏ لکيل ڪتاب 1995ء)، ۽ ’اترادي ٻولي ‘(1996ء) شايع ٿي چڪا آھن. ان کان سواءِ ھدايت صاحب اٽڪل 80 کن مقالا پڻ لکيا آھن، جن جو موضوع گھڻو ڪري لسانيات، سوانحيات ۽ ادب آھي، ھن صاحب 16 ڪھاڻيون پڻ لکيون آھن، جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آھن. هن جو هڪ ناول ”ازابيل“ 2006ء ۾ پڻ ڇپجي چڪو آهي. ھدايت آخوند، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1979ء ڌاري ليڪچرر طور مقرر ٿيو. 1986ء ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. 1987ء ۾ لنڊن جي اسڪول آف اوريئنٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، جتان 1989ء ڌاري لسانيات ۾ ڊپلوما ڪري وطن واپس آيو. 1995ء ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي پسمنظر“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي رهبريءَ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪيائين. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1997ء ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ڏني وئي. ھدايت آخوند 2000ء ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيئرمئن ٿيو ۽ ساڳئي سال شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم سچل چيئر جي بورڊ آف گورنرس جو ٽن سالن لاءِ ميمبر پڻ مقرر ٿيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت سان به لاڳاپيل رھيو آھي. 2006ء ۾ رٽائر ڪيائين. هو 2000ء ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشوري جو سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو. ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ھن ڪيترائي علمي ۽ ادبي پروگرام ڪرايا. هائر ايڊيوڪيشن ڪميشن پاران تجربيڪار پروفيسر طور سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تحقيقي پراجيڪٽ تي 2007 کان 2009 تائين ڪم ڪيائين. پاڻ هن وقت ڄامشوري ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا سنواريو