آخوند هدايت الله مشتاق هالائي

آخوند هدايت الله ولد عبدالله ميمڻ 1286ھ بمطابق 1869ء ۾ هالا تعلقي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس وڏا ڪورڪي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ديني درس به ڏيندا هئا. پاڻ سٺو شاعر هو. ان سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم به ڪندو هو. اکر تمام سهڻا هئس، ان ڪري ڪتابت پاڻ ڪندو هو. 1894ء ۾ سندس لکيل ڪتاب ”هدايت الانشاء“ ڇپيو، جيڪو خطن تي مشتمل هو. 66 سالن جي ڄمار ۾ 21 جون 1935ء پهرين ربيع الثاني 1354ھ تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا سنواريو