آخوند محمد قاسم هالائي

محمد قاسم آخوند سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر ٿي گذريو آھي. ھو 23 سيپٽمبر 1818ء تي ڄائو ۽ 14 اپريل 1891ء تي پراڻا هالا ۾ وفات ڪيائين. ھو خليفي گل محمد جو ساٿي ھو. ھن ڪجهه وقت لاءِ ميرن جي سرڪار جي نوڪري به ڪئي. ھن جي شاعريءَ جو ڪتاب ”ديوان قاسم“ مرزا اسد بيگ ”اسد“ ڇپرايو، جنهن تي مرزا اجمل بيگ جو مهاڳ لکيل آهي. ھو انھن سنڌي شاعرن مان ھڪ آھي، جن پھريان رباعي لکڻ شروع ڪئي، آخوند محمد قاسم آخوند فارسي ۽ عربي ٻولين جو عالم ھو. ھن ”سنڌي ادب جي تاريخ“ به لکي. ھن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترا بيت ۽ ڪافيون به لکيون.[1]