آخوند محمد عالم پنهور[1] 1800ع ۾ خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. جوانيءَ جي عالم ۾ مجازي عشق ۾ ڦاسي پيو ۽ اوچتو پنهنجي محبوب جي مري وڃڻ کان پوءِ ان جي فراق ۾ ڪافيون ٺاهي ڳائيندو وتندو هو. ان وقت سندس پاڙيسري بزرگ ميرزا مراد علي بيگ سائل (مرثيا گوئيءَ ۾ سيد ثابت علي شاهه جي شاگرد) کيس نصيحت ڪئي ته هن مجازي عشق کي ڇڏي دل ۾ حقيقي عشق پيدا ڪر. آخوند صاحب تي ان نصيحت جو گهِرو اثر پيو، پاڻ سڀ لکيل ڪافيون ڦاڙي ضايع ڪري مرثيا لکڻ شروع ڪيائين. سندس ڪلام ۾ مرثيا، سلام ۽ نوحا شامل آهن. انهن کان سواءِ هڪ فارسي مثنوي ”شاهنامه“ کرڙي جي جنگ تي لکيل اٿس. آخوند صاحب 1870ء ۾ وفات ڪئي. آخوند محمد عالم جا مرثيا اڄ به محرم جي ڏهاڙن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. آخوند صاحب مرثيا گوئيءَ کانسواءِ مرثيا خوانيءَ ۾ به ميرزا مراد علي بيگ جو شاگرد هو. ميرزا صاحب، خيرپور جي ميرن جي امام بارگاهن ۾ مرثيا خواني ڪندو هو، جنهن ۾ پاڻ سان پنهنجي پٽ ميرزا فتح علي بيگ کي ويهاريندو هو، ليڪن آخوند صاحب جي حقيقي عشق کي ڏسندي ان-کي به پاڻ سان مرثيا خوانيءَ ۾ ويهاريائين. اهڙيءَ طرح آخوند صاحب مرثيا گوئي توڙي مرثيا خوانيءَ ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪيو.

حوالا سنواريو