آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي

آخوند محمد صالح (Aakhoon Mohd Saaleh) ولد ڇٽو ڀٽي، دادو ضلعي جي قديم ڳوٺ، سيتا وليج ۾ هڪ غريب خاندان ۾ ڄائو. ننڍي هوندي ئي سندس پيءُ کيس ديني تعليم ڏانهن راغب ڪيو ۽ گھر ۾ ئي تعليم حاصل ڪيائين، ڪجهه وقت کانپوءِ هن کي شڪارپور ويجھو ڳوٺ همايون شريف ۾ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي درسگاهه ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو ويو. اڃا اتي پڙهيو پئي ته پويان سندس والد ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس والدا وفات ڪري ويا ۽ اهو صدمو کانئس برداشت نه ٿيو ۽ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو. ڪجهه عرصو پوءِ درٻيلي ۾ حديث، فقه، علم، منطق ۽ علم مناظره وغيره تي دسترس حاصل ڪيائين. ۽ موٽي اچي پنهنجي ڳوٺ ۾ مڪتب قائم ڪري مردن، نينگرن ۽ نياڻين کي تعليم ڏيڻ لڳو. سادي طبيعت ۽ نياز نوڙت سان پيش ايندڙ آخوند محمد صالح جي پنهنجي همعصر دور جي پڙهيل لکيل ۽ عالم ماڻهن سان گھڻي ويجھڙائي هوندي هئي، جن سان علمي ڪچهريون ڪرڻ سندس اهم مشغلن ۾ شامل هوندو هو. هن صاحب علم قرآن پاڪ جو مڪمل قلمي نسخو پنهنجي هٿن سان لکيو. جيڪو سندس لائق فرزند بشير سيتائيءَ تحقيق جي شاگردن لاءِ سنڌالاجيءَ ۾ جمع ڪرايو آهي ته جيئن آخوند محمد صالح جو ڪيل پورهيو ثاب پوي.[1]