آخوند محمد حيات حاتم

درازن جي فاروقي خاندان مان آخوند محمد حيات ولد آخوند محمد صالح هڪ وڏو اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس تخلص ’حاتم‘ هو. مخدوم نور محمد بوبڪائي سندس دوست ۽ همعصر اديب هو. هي ذهانت ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو، جنهن جو اندازو هن مثال مان به ٿئي ٿو ته هڪ ڀيري مير ڪرم علي خان جي درٻار ۾ ويٺو هو ته اتي مخدوم نور محمد آيو، ادبي محفل گرم هئي، مخدوم صاحب فارسي شاعر ’هلالي‘ جي شهادت جو واقعو بيان ڪيو، جنهن تي مير ڪرم علي خان کيس لونگي ڏني. جڏهن آخوند محمد حيات حاتم جو وارو آيو ته هن مخدوم نور محمد جي بيان مان غلطيون ڪڍي، صحيح واقعو بيان ڪيو، جنهن تي سڄي درٻار ۾ واهه واهه ٿي وئي ۽ مير صاحب طرفان کيس خلعت سان گڏ ٻه لونگيون مليون. مخدوم نور محمد به پنهنجي لونگي کيس ڏئي ڇڏي. اهو ذڪر محمد ابراهيم فاروقيءَ جي بياض ۾ موجود آهي. آخوند محمد حيات حاتم، مير سهراب خان جي فرزند مير مبارڪ خان جو استاد ۽ درٻاري شاعر ٿي رهيو. هي ميان عبدالحق فاروقيءَ جو مريد هو ۽ 1839ء ۾ وفات ڪيائين. [1]