آخوند محمد بچل انور

آخوند محمد بچل، مٽيارين جي آخوندن مان ھو. سندس والد جو نالو آخوند محمد صالح ھو، جيڪو فارسي ۽ عربيءَ جو وڏو عالم ھو.آخوند محمد بچل ”انور“ فارسي شعر ۽ نثر جو سٺو ليکڪ ھو. شاعريءَ سان گڏوگڏ ماده تاريخ ڪڍڻ واري فن ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو. آخوند صاحب ”ميرن جي شاھي استاد“ جي لقب سان مشھور ھو. تحرير ۽ طرز بيان ۾ قابل ھو. ٽالپر حاڪمن مان مير نصير خان ٽالپر جو به استاد رھي چڪو ھو، پوءِ محڪمه انشاء جو مير منشي بڻيو.

جڏھن مير نصير خان مسند نشين ٿيو ته آخوند محمد بچل کي درٻار ۾ وڏو مقام ڏنو ويو ۽ سرڪاري لکپڙھ ۽ حڪومت جا نازڪ سياسي معاملا، خانداني ۽ اھم مخفي مراسلا، آخوند صاحب پاڻ لکندو ھو. انھيءَ دور ۾، جيڪي سياسي خواه ملڪي معاملا ٿيا، انھن سڀني ۾ ھن مدبر ۽ دانشمند مشير جي راءِ کي وڏو وزن ھوندو ھو. مير نصير خان ۽ انگريزن جي وچ ۾ جڏھن آخري عھدنامو ٿيڻ لڳو، ان وقت سڀئي مير مخالف ٿي بيٺا ۽ مير نصيرخان تي زور آندائون ته معاھدي تي دستخط نه ڪري، آخوند صاحب انگريزن جي ارادن ۽ مخالفتن کي ڏسي چڪو ھو، تنھنڪري باوجود سخت مخالفت جي مير نصير خان کي اھا صلاح ڏنائين ته ”ھو ضرور معاھدو ڪري، نه ته حڪومت توڙي ملڪ لاءِ سخت خطرو پيدا ٿيندو.“ ابتدائي غلطين ۽ روادارين سبب ملڪ تي انگريزن جو اقتصادي، تجارتي خواه فوجي قبضو ٿي چڪو ھو، تنھنڪري ان وقت حڪمراني بچائڻ لاءِ آخوند صاحب جي راءِ مصلحت طور صحيح ھئي، پر ٽالپرن نه مڃيو ۽ مير نصير خان مجبور ٿي انڪار ڪيو. نتيجو اھو نڪتو، جيڪو آخوند صاحب جي اکين ڏٺو ھو. يعني نه حڪومت رھي، نه ملڪ بچي سگھيو. آخوند صاحب ديني ۽ دنيوي علمن ۾ به يگانو ھو. شعر و سخن جو شوقين ۽ مضمون نويسيءَ جي فن ۾ قابل استاد ھو. انشاء جي مھارت سبب ئي مير نصير خان سڀئي اھم ۽ نازڪ مراسلا کانئس لکرائيندو ھو. پاڻ نه فقط ظاھري علمن جي تحصيل ڪئي ھئائين، پر باطني فيض جو قائل ۽ روحاني رستي جو طالب پڻ ٿي رھيو. پاڻ نقشبندي طريقي ۾ شاھ فضل الله جي فرزند شاھ عبدالقيوم نقشبندي سرھنديءَ کان بيعت ورتي ھئائين.

آخوند صاحب جي بياض ۾ اٽڪل 60 کن نظم، غزل، مناجاتون ۽ مداحون سال 1277ھ مطابق 1860ء تائين لکيل آھن. سندس قلمي بياض جي آخر ۾ پنھنجن ٻن پٽن جي ڄمڻ جون تاريخون پڻ سندس ھٿ اکر لکيل آھن. ان کان سواءِ پنھنجي پير طريقت شاھ عبدالقيوم نقشبندي سرھندي رح جي وصال 1271ھ بمطابق 1854ء تي پڻ ھڪ طويل مرثيو فارسيءَ ۾ چيو اٿس. آخوند صاحب جو تفصيلي احوال معلوم نه ٿي سگھيو آھي، البته سندس ذڪر انگريزي ڪتاب “Dry Leaves From Young Egypt” ۾ ضمني حوالي طور آيو آھي. يعني مياڻيءَ جي جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ سر چارلس نيپيئر جڏھن حيدرآباد ۾ لٿو ۽ ٽالپر سندس ڪئمپ ۾ اچي نظربند ٿيا، ان وقت سر چارلس نيپيئر مير نصير خان ڏانھن ماڻھو موڪليو ته ھو قلعو ڏسڻ گھري ٿو، تنھنڪري مير صاحب پنھنجا معتمد ماڻھو کيس ڏئي،جيڪي ھلي قلعو ڏيکارين. مير نصير خان، ديوان ميٺارام خدمتگار سان گڏ آخوند صاحب کي به سر چارلس نيپيئر سان موڪليو. اھو واقعو 21 فيبروري 1843ء جو آھي. سر چارلس نيپيئر ۽ سندس لشڪر قلعي ۾ گھڙڻ شرط ڦرلٽ شروع ڪري ڏني ۽ انھيءَ ڏينھن ڪروڙن جي ملڪيت لٽي وئي.

مير نصير خان جلاوطنيءَ واري زماني ۾، ڪلڪتي مان آخوند صاحب سان خط و ڪتابت ڪندو ھو. ھن پنھنجي زوجه محترمه (حرم خاص) ڏانھن جيڪي خط لکيا ھئا، انھن ۾ پڻ آخوند صاحب کي ”عالي قدر“ جي خطاب سان نوازيو اٿس. ”عالي قدر“ جي لفظن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سنڌ جي فرمانروا کي، آخوند صاحب لاءِ ڪيترو ادب ۽ احترام، عزت ۽ قدر ھو. ان کان علاوه مير نصير خان جي ”مثنوي مرزا صاحبان“ تي نثر ۾ ديباچو پڻ آخوند صاحب جو ملي ٿو. ”مثنوي مرزا صاحبان“ جو اھو نسخو 14 صفر 1247ھ بمطابق 1831ء جو لکيل آھي. آخوند صاحب 1278ھ بمطابق 1861ء ۾ وفات ڪئي.[1]

شاھ لطيف رح جي شان ۾ چيل سندس مدح جون ڪجهه سٽون نموني طور ملن ٿيون

<poem>

شها دين و ايمان جو بخش دان، سندءِ در کؤن مشڪل ڪشائيءَ کي مان خدا تنھنجو اعليٰ ڪيو عز و شان، ”بچل“ ڇا ڪري سگھندو ان جو بيان، ڪرم ڪر سخي شاھ عبداللطيف.