آخوند لطف الله لطف قريشي
آخوند لطف الله ولد آخوند محمد اسحاق قريشي 1842ء ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. پاڻ حيدرآباد جي مشھور پاڙي ”گنج بخش شاھ“ جي پـِڙ ۾ رھندڙ قريشي خاندان جو فرد ھو. ابتدائي تعليم پرائڻ کان پوءِ پھرين آخوند محمد صديق جي مڪتب ۾ پڙھائڻ شروع ڪيائين، بعد ۾ لوڪل بورڊ طرفان پرائمري استاد مقرر ٿي، چنيجن، نصرپور، تاج پور ۽ ٻين ھنڌن تي پڙھائيندو رھيو. پڇاڙيءَ ۾ حيدرآباد ۾ ٽنڊي ولي محمد اسڪول (قاضي عبدالقيوم اسڪول) جو ھيڊماستر ٿيو.
آخوند صاحب سٺو نثر نويس، نظم گو ۽ ذوق سليم جو مالڪ ھو. طبابت جي ڪم کان واقف ھو. پاڻ اردو ٻوليءَ جي مشھور ڪتاب ”فسانه عجائب“ جو ”گل خندان“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. شاعريءَ ۾ ”لطف“ تخلص اختيار ڪري، مداحون، مناجاتون ۽ مولود چيائين.
مير عبدالحسين خان ”سانگي“ ۽ مرزا قليچ بيگ سان سندس روح رھاڻيون ٿينديون ھيون. 1898ء ۾ سرڪاري نوڪريءَ کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ باقي عمر طبابت جي ڌنڌي ۾ گذاريائين. پاڻ ڊسمبر 1902ء ۾ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ’جان عالم‘ ۽ ’انجمن آرا‘ به سندس تصنيفون آھن. کيس ٻه فرزند ۽ ھڪ نياڻي ھئي. [1]