آخوند قاضي ميان اسماعيل

آخوند قاضي ميان اسماعيل ذات جو صدر هو. سندس خاندان علمي گهراڻي سان واسطو رکڻ ڪري قاضي سڏبو هو ۽ کيس آخوند بہ چوندا هئا. آخوند صاحب نوشھري فيروز جي ڀرسان ڪلھوڙا اسٽيشن لڳ ”صدر ڳوٺ“ جو ويٺل هو ۽ اڃا تائين سندس خاندان جا ڪيترائي گهر اُتي آباد آهن. قاضي اسماعيل پنھنجي ڳوٺ صدر مان لڏي اچي ڀِرين جي ڀرسان ”درياخان جلباڻي“ ڳوٺ ۾ رهيو. قاضي اسماعيل پنھنجي وقت جو هڪ وڏو عالم هو. سندس مدرسي جي هاڪ ان زماني ۾ سموري ساهتي پرڳڻي ۾ هئي.

قاضي اسماعيل جا پنھنجن هم عصر عالمن سان گهاٽا واسطا هوندا هئا. کاهي راهوءَ جي صاحبن ۽ ڪنڍاڻي سيدن سان سندس ڪافي رهاڻيون ٿينديون هيون. سندس مدرسي جو خرچ ان وقت جي سرنديءَ وارا ماڻهو برداشت ڪندا هئا. پاڻ اعليٰ درجي جو خوشخط پڻ هو.[1]

حوالا سنواريو